شاهه شڪر گنج جو مقام

شاهه شڪر گنج جو مقام

شاهه شڪر گنج جو مقام

شاهه شڪر گنج جو مقام: سترهين، ارڙهين صديءَ جو هيءُ قديم قبرستان ديهه ڪپور، تعلقي سيوهڻ جي شهر ڀان لڳ، ڀان شهر کان اٽڪل 6 يا 7 ڪلوميٽر اتر اولهه ۾ پير شاخ جي ڏکڻ ۾ "25'35°26 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ "38'40°67 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي. هي 10 ايڪڙن تي مشتمل وسيع قبرستان آهي، جنهن ۾ لاتعداد قبرون آهن. مقام اندر چئن ٿنڀن ۽ چؤڌاري سيمنٽ جي لڳل ڄارين واري هڪ ڪٽهڙي اندر شاهه شڪر گنج جي مزار ۽ ٿنڀن کان سواءِ ساڳئي نموني جي ٻئي ڪٽهڙي ۾ ٻه ٻيون قبرون آهن، جن بابت ڪا ڄاڻ نه ٿي ملي ته ڪنهن جون آهن. انهن مزارن جي ڀرسان نذراني جي پيتي رکيل آهي، جنهن جي مٿان رکيل تختي تي ‘شاهه شڪر گنج’ جو نالو درج آهي. مزارون، جهنڊين توڙي ٻين نمائشي شين سان سينگاريل آهن، جن کي ڏسي لڳي ٿو ته هن بزرگ جي مزار تي ميلي جو اهتمام ٿيندو هوندو. زيارتين طرفان مزارن کي پڙ، گلن جا هار ۽ موڙ پڻ پارايل آهن. احاطي ۾ ٻه ٻيون قبرون آهن. مقامي روايت موجب محمود غزنوي ۽ غوث شاهه جون قبرون سمجهن ٿا. هن ميلي ۾ ‘لُٽ’ نالي هڪ مظاهري جو ذڪر عام ڪيو ويندو آهي.
هڪ عجيب اتفاق آهي، جو هڪ مشهور بزرگ ‘محمود شڪر گنج’ جي مزار اروڙ جي آثارن کان ٿوري فاصلي تي آهي. انهيءَ بزرگ جو ذڪر ڪيترن هنڌن تي عالمن ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو